ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس بابت درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس بابت درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ فيسن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس تي ڪهڙو قانون لاڳو ٿئي ٿو ۽ فيس جي ريگوليٽري ڪير ڪندو آهي؟ سپريم ڪورٽ ائين ته ڪيس نه ٿي ٻڌي سگهي.
جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته اوهان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن سان فيس جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي؟ ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هن وزيراعظم، صدر کي مڊيڪل فيس بابت خط لکيو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ايڪٽ ٺاهيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو غلط مطلب ڪڍيو ويو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان ريگوليٽري وٽ وڃون، سپريم ڪورٽ جو ميڊيڪل فيس ڏسڻ سان ڪهڙو ڪم؟ ريگوليٽري جڏهن ٺهيل آهي ته ڇا اوهان ايڏانهن ويا آهيو؟ ڇا اسان ڪميشن ٺاهي سگهون ٿا؟
جسٽس مظهر علي رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جو ذاتي مسئلو آهي ته ريگوليٽري سان رابطو ڪريو.
ان کانپوءِ عدالت ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس بابت درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

SC petition  medicalcollegefees

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.