ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي محرم الحرام جي جلوس تي حملي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ موجب، ڪالعدم ٽي ٽي پي دره آدم خيل سان واسطو رکندڙ دهشتگرد محمد شعيب کي اتحاد ٽائون مان گرفتار ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد ڪراچي اچي ڪالعدم ٽي ٽي پي ۾ شامل ٿيو ۽ هو اٺ محرم واري جلوس تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like