پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سون جي قيمتن ۾ لاڳيتو ٻه ڏينهن لاٿ بعد اڄ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 6 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 45 هزار 6 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 514 رپيا واڌ بعد 2 لک 10 هزار 562 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ڏهه ڊالر واڌ بعد 2372 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.