حڪومت جو پورهيتن کي مفت گهر ڏيڻ جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٽيڪسلا ۽ دنر ليبر ڪالونين ۾ پورهيتن لاءِ 1224 فليٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيرعليٰ پنجاب جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ليبر کاتي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، ان دوران وزيرعليٰ کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت ۾ 29 هزار ورڪرز کي ڊيٿ ۽ ميرج گرانٽ ادا ناهي ڪئي وئي، جنهن تي مريم نواز پورهيتن لاءِ ڇهه ارب رپين جون رهتون، ڊيٿ ۽ ميرج گرانٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
مريم نواز اجلاس ۾ گارمينٽ سٽي ۾ عورت ورڪرز لاءِ ٻه هاسٽل ٺاهڻ جي منظوري ڏني، اجلاس شيخوپورا ۾ ست سئو چار عورت ورڪرز کي مفت رهائش فراهم ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو .
انکانسواءِ ٽيڪسلا ۽ سندر ليبر ڪالونين ۾ پورهيتن لاءِ 1224 فليٽس مفت ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو.
مريم نواز ليبر کاتي ۾ ساڌرن، آڪوپيشنل سيفٽي اينڊ هليٿ ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت وارن قانونن تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيرعليٰ پنجاب چيو ته صوبي جي هر پورهيت جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، پنجاب سرڪار هلندڙ بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي گهٽ ۾ گهٽ اجرت لاڳو ڪئي وڃي.

housingscheme  Freehome govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.