جئه شاهه گوتم گمڀير جي پويان پئجي ويو !

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ گوتم گمڀير سان بي سي سي آءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڇڏي آهي، جڏهن ته سريلنڪا خلاف سيريز کانپوءِ نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف وائيٽ بال سيريز کانپوءِ ڀارتي ٽيم جي نئين ڪوچ جو اعلان ڪيو ويندو جڏهن ته سيريز دوران نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو سربراهه، وي وي ايس لڪشمڻ عارضي طور ذميواريون انجام ڏيندو.
واضح رهي ته بي سي سي آءِ راهول ڊريوڊ جي جاءِ تي هيڊ ڪوچ جي پوزيشن لاءِ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي چيمپيئن بڻائيندڙ گوتم گمڀير ڊبليو وي رمن جا انٽرويوز ڪيا هئا.
ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم جي ڪوچ جي مقرري ۾ دير جو سبب گوتم گمڀير ۽ بورڊ وچ ۾ پگهار وارو معاملو طئي نه ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي.
بي سي سي آءِ گمڀير جي هيڊ ڪوچ طور مقرري کانپوءِ ٻين ڪوچز ۽ سپورٽ اسٽاف جي مقرري تي به غور ويچار ڪندو.
جئه شاهه سليڪشن سپورٽ اسٽاف جي مقرري لاءِ گمڀير کي مڪمل فري هينڊ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو جڏهن ته بيٽنگ ڪوچ جي مقرري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڇو ته گمڀير ڊگهي عرصي تائين هڪ مستند اوپنر طور ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي انڪري هو بيٽنگ ڪوچ جو ذميواريون به انجام ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.