اوهان کي نڪاح جي تڪڙ هئي، قوم کي سبب ٻڌايو: خاور مانيڪا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني جي زال بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته اوهان کي نڪاح جي ايتري تڪڙ هئي، قوم کي سبب ته ٻڌايو.
اسلام آباد ۾ پنهنجي وڪيلن جي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خاور مانيڪا جو چوڻ هو ته ڪجهه مخصوص گروهن 4 سالن کان منهنجي ڪٽنب کي گهٽ وڌ چيو.
هن چيو ته مان اڄ پنهنجي صفائي ڏيڻ نه آيو آهيان، منهنجون به ڳالهيون ٻڌيون وڃن جيئن مان سڀني کي صبر سان ٻڌو.
خاور مانيڪا ميڊيا سامهون عدت ڪيس جي شرعي حيثيت جو حوالو ڏييندي چيو ته جوابدار ۽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ان جو حصو آهن، بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ طلاق ٿئي ته جلد بازي ناهي ٿيندي، جيڪڏهن طلاق ٿي وئي ته ڇا خرابي هئي جو نڪاح لاءِ بيهجي ها؟ هن چيو ته اڄ وڪيلن جي ٽيم محنت تي لڳل آهي، 39 ڏينهن ۾ مدو ثابت ڪرڻو آهي.
پي ٽي آءِ پهرين جنوري جي نڪاح کانپوءِ 7 جنوري تي بيان جاري ڪيو ته نڪاح ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته نڪاح جي خبر غلط هئي.
هن چيو ته عدت پوري ٿيڻ کانپوءِ نڪاح ڪري ها، اوهان کي نڪاح جي ايتري تڪڙ هئي ته قوم کي سبب ٻڌائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.