عدت ڪيس جو فيصلو 12 جولاءِ تائين ٿيندو، خاور مانيڪا جي درخواست خارج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جي هدايت تي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي خاور مانيڪا جي درخواست خارج ڪئي.
عدالت ٽرائل ڪورٽ کي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ واري ججمينٽ تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سيشن ڪورٽ کي هڪ مهيني ۾ اپيلن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ۽ حڪم ڏنو ته عدت ڪيس اپيلن تي 12 جولاءِ تائين فيصلو ڪرڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.