روس جي توانائي سهڪار سبب ڀارت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب آهي: مودي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سبب پريشان آهن پر روس ۽ ڀارت جي توانائي سهڪار سبب ڀارت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب آهي.
ماسڪو ۾ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ نريندر مودي چيو ته ڀارت گذريل 40، 50 سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، روس ۾ دهشتگرد واقعن جو ڏک سمجهي سگهون ٿا.
هن چيو ته هر اهو شخص، جيڪو انسانيت جو درد رکي ٿو، ماڻهو مارجڻ تي ڏک محسوس ڪري ٿو، مان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪيان ٿو، جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي.
سندس چوڻ هو ته امن جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ اسان کي ڳالهه ٻولهه جا ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا.

russia india narendramodi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.