ايلون مسڪ بل گيٽس کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ٽيسلا جي باني ايلون مسڪ مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کي ٽيسلا بابت قدم کڻڻ جي صورت ۾ وڏي ڌمڪي ڏني آهي.
ايلون مسڪ بل گيٽس کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن ٽيسلا خلاف وڌيڪ قدم کنيا ته هو کيس ختم ڪري ڇڏيندو.
بل گيٽس ۽ ايلون مسڪ وچ ۾ ان حوالي سان 2022 ۾ اختلاف سامهون آيا هئا جڏهن خبر پئي هئي ته بل گيٽس ٽيسلا جا 50 ڪروڙ ڊالرز جا شيئرز خريد ڪري وڪرو ڪيا آهن.
ايلون مسڪ بل گيٽس تي الزام لڳايو آهي ته انهي رقم ذريعي مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني ٽيسلا جي شيئرز جو اگهه ڪيرائڻ چاهي ٿو.
اهو الزام لڳائڻ بعد ايلون مسڪ بل گيٽس جي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان مهم ۾ حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
تازو ئي ايڪس تي ايلون مسڪ خبردار ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته جڏهن ٽيسلا مڪمل خور تي پاڻمرادي ڊرائيونگ جو مسئلو حل ڪري وٺندو ۽ روبوٽ جي پيداوار جو ڪاٿو بهترين سطح تائين پهچي ويندو ته پوءِ جيڪو به ٽيسلا جي اسٽاڪ جو اگهه ڪيرائيندو ان کي ختم ڪري ڇڏيندس ڀلي اهو بل گيٽس ئي ڇو نه هجي.

ElonMusk BillGates Tesla

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.