مئل ماڻهن لاءِ ” فلمي ميلو“،روحن لاءِ طرحين طعام تيار ڪيا ويا

ٿائيلينڊ جي هڪ قبرستان ۾ هڪ اهڙو ايونٽ ڪرايو ويو جنهن تي يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو.
ٿائيلينڊ جي صوبي رٽچسيما جي قبرستان ۾ هڪ انوکو ايونٽ ڪرايو ويو، جتي ابدي آرامي مئل ماڻهن لاءِ فلمن جي خصوصي اسڪريننگ ڪئي وئي.
فلم فيسٽيول ۾ مُردن لاءِ 28 سئو خاص سيٽن جو انتظام ڪيو ويو جيڪي آخر تائين خالي رهيون.
ايونٽ جو مقصد دنيا ڇڏي ويندڙ ماڻهن کي فلمن ذريعي تفريحي ماحول فراهم ڪرڻ هو.
ايونٽ پنج جون تائين جاري رهيو، فلمن جي اسڪريننگ دوران قبرستان جي عملي جا چار ماڻهو موجود هئا.
عملي طرفان روحن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو، پر اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته نيٺ اِهو کاڌو ويو ڪاڏي.

Empty chairs food & feas tgraveyard

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.