اسلام آباد (پ ر) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي منافعي بخش ۽ پنهنجي وسيلن ۾ واڌ ڪرڻ وارو ادارو بڻائڻو آهي، جنهن لاءِ حڪومت جي وسيلن تي نه ڀاڙڻو پوندو پر اين ايڇ اي کي پنهنجي روش تبديل ڪري محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو.
عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير کي نئين ٽول پلازن جي تعمير، بين الصوبائي شاهراهن ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ضروري فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
عبدالعليم خان چيو ته هو کاتي کي نوان ٽاسڪ ۽ محڪماڻو ايڪشن پلان ڏئي رهيو آهي، جنهن تحت سرڪاري فنڊ ڪنهن صورت ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪرپشن تي ڪا رعايت نه هوندي.
سندس چوڻ هو ته اين ايڇ اي ۾ صلاحيتن جي کوٽ ناهي، ٿوري ڪوشش سان ادارو سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين ملڪن ۾ پرڏيهي منصوبن جا ڪانٽريڪٽ حاصل ڪري سگهي ٿو.
وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي جي ڪنهن روڊ تي مقرر وزن کان وڌيڪ ٽرڪن کي نه اچڻ گهرجي ۽ ڊگهيون قطارون ختم ٿيڻ گهرجن، مان سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس ته جيئن نيشنل هاءِ وي تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺي سگهان.
سندس چوڻ هو ته پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير يقيني بڻائڻ آهي، جنهن کاپوءِ ڪراچي کان ڪوئيٽا ۽ مانسهرا کان بابو سر ٽاپ تائين شاهراهن جي جلد کان جلد تعمير شامل آهي، واپاري لحاظ سان اسان جي سڀني شاهراهن ۽ روڊ نيٽ ورڪ جو اصل هدف سينٽرل ايشيا جا ملڪ هجڻ گهرجن، جنهن جو ملڪ ۽ قوم کي وڌ کان وڌ فائدو ٿيندو.
You might also like