ماضي ۾ پنهنجي گهرواريءَ لاءِ رشتا ڳوليندو هئس:بهروز سبزواري

پاڪستان جي مشهور اداڪار بهروز سبزواري سڪي لڌي ۽ نيڪ پٽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو آهي ۽ هن گڏوگڏ اهو ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي گهرواريءَ لاءِ رشتا به ڏسڻ ويندو هو.
بهروز سبزواري ۽ سندس گهرواري سفينا شيخ نجي ٽي وي جي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ ٻنهي ميزبان جي دلچسپ سوالن جا جواب به ڏنا.
انٽرويو دوران پروگرام ۾ شريڪ هڪ شخص بهروز سبزواري کان دلچسپ سوال ڪيو ته اوهان فلم ۽ ڊراما ته ڪيترائي ڪيا پر پٽ هڪ ئي آهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
ان سوال جو جواب ڏيندي بهروز سبزواري چيو ته مان الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان هن مونکي اولاد سان نوازيو آهي، اهڙا جوڙا به آهن جن کي اولاد ئي ناهي.
هن جو چوڻ هو ته هڪ پٽ جو هجڻ رب جي مرضي هئي ۽ مان صرف انهي ڳالهه تي شڪرگذار آهيان ته مونکي اولاد ٿي، ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اولاد لاءِ ترسندا آهن.
بهروز سبزواري ٻڌايو ته سفينا جا ڪيترائي رشتا ايندا رهندا هئا، مان ۽ جاويد 4 ڀيرا ان لاءِ ڇوڪرا به ڏسڻ وياسين پر سندس والد راضي نه ٿيو.
ان تي سفينا شيخ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان دوران هڪ رشتو اهڙو به آيو جيڪو منهنجي والد کي پسند آيو، ڇو ته منهنجي امڙ حيات نه هئي ۽ شادي جا سڄا مامرا وڏي ڀيڻ کي ئي ڏسڻا هئا، انڪري ڇوڪري وارا رشتو کڻي پنڊي هليا ويا.
هن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جي جڏهن جاويد شيخ کي خبر پئي ته هن انتظار ڪرڻ جو چيو ڇو ته جاويد شيخ شوٽنگ ۾ مصروف هو، جاويد شيخ جيئن ئي شوٽنگ کان واپس آيو ته گهروارن ٻڌايو ته رشتو نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته بهروز سان ڳالهه پڪي ٿي وئي آهي.
Pakistan Showbiz BehrozSabzwari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.