هانيا عامر ۽ ڀارتي فنڪار جا هڪ ڀيرو ٻيهر چرچا، مامرو ڇا آهي؟

پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر ۽ ڀارتي فنڪار ۽ آدتيا پرتيڪ سنگهه سسوديا عرف بادشاهه جي دوستي جا هڪ ڀيرو ٻيهر چرچا ٿيڻ لڳا آهن.
هن ڀيري ڀارتي ريپر ۽ فنڪار بادشاهه دعويٰ ڪئي آهي ته هانيا عامر هن جي صرف دوست نه پر مداح به آهي.
تازو ئي باشاهه بي بي سي ايشيا لاءِ رڪارڊ ڪرايل پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستاني اداڪارا بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏنا.
انٽرويو دوران پروگرام جي ميزبان اهو ڄاڻڻ لاءِ ڀارتي فنڪار هانيا عامر جي مختلف پروجيڪٽس بابت سوال ڪيا ته کيس ڪيتري سٺي لڳندي آهي.
صرف 60 سيڪنڊز ۾ 10 سوالن مان 9 جا صحيح جواب ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو ان جي سٺي دوست ئي نه پر سندس وڏي مداح به آهي ۽ هن جا ڊراما شوڪ سان ڏسندو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ئي هانيا عامر ۽ ڀارتي فنڪار بادشاهه جي دوستي جا چرچا سوشل ميڊيا تي ٿيندا رهيا آهن.

Pakistan HaniaAmir Badshah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.