ڪراچي ۾ فائرنگ، ڊي ايس پي سي ٽي ڊي مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪريم آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي سي ٽي ڊي جو آفيسر ڊي ايس پي علي رضا مارجي ويو. اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي آفيسر کي نشانو بڻائي قتل ڪيو. موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي کي مٿي ۾ گولي لڳي جنهن بعد کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن علاج دوران دم ڏنو.  فائرنگ ۾ عمارت جو  هڪ سيڪيورٽي گارڊ پڻ زخمي ٿيو جنهن اسپتال منتقل ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو. پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي جو گهيرو ڪيو ۽ شاهديون گڏ ڪيون. واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم جا 11 خول مليا. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوارن مان هڪ کي چادر ويڙهيل هئي، ٻئي کي هيلميٽ پهريل هو. حملي آورن پسٽل تي سائلينسر لڳايو هو. ڊي ايس پي علي رضا شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم جو ويجهو ساٿي هو ۽ ڊي ايس پي، سي ٽي ڊي انويسٽيگيشن مقرر هو. ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس پي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن هدايت ڪئي ته حملي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ فوري اپاءَ ورتا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.