شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ پاران انصاف نه ملڻ تي پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڀاءُ پاران مطالبا نه  مڃڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ۽ سي ايم هائوس اڳيان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ ويڊيو بيان جاري،شھيد جي امڙ مسمات پٺاڻي چيو ته سي ايم هائوس اڳيان لڳل ۾ اسان ٽي مطالبا رکيا، جنهن ۾ پ پ پ ايم اين اي مير خالد لنڊ کي پ پ قيادت مان ھٽايو وڃي،شھباز لنڊ کي ميونسيپل چيئرمين تان ھٽايو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن ۾ اسان جو ھڪ مطالبو شھباز لنڊ کي ميونسپل چيئرمين تان ھٽائي پورو ڪري ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ باقي لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گھري وئي پر اسان انهن کي وڌيڪ ڏھن ڏينهن جي مهلت ڏيندي اعلان ٿا ڪريون ته محرم الحرام کانپوءِ پھريون ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ته جيئن سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪيل واعدو ياد انھي کانپوءِ اسان وري سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪنداسين جيڪو قاتل گرفتار نه ٿيڻ تائين لڳايو، ويڊيو بيان ۾ شھيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته مان ڪراچي ۾ ئي چئي آيو ھيس ته اسان جا جيڪڏھن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ٻيھر ڌرڻو ھڻنداسین جيڪڏھن ڌرڻو لڳڻ کانپوءِ به مطالبا تسليم نه ٿيا ته سي ايم هائوس آڏو پنهنجو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت ھوندي انھن وڌيڪ چيو ته اسان عوام جا نھائت شڪرگذار آھيون جيڪي اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ساٿ ڏين ٿا ۽ اڳيان به اسان جو ساٿ ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.