”بابر، رضوان ۽ شاهين هنن کان سکن“ پاڪستاني ليجنڊز سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويا

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان سخت مقابلي کانپوءِ آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني ته شوقين کان بابر، رضوان ۽ شاهين وسري ويو.
انگلينڊ جي ايجبسٽن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ليجنڊز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون جڏهن پاڪستان گهربل هدف 20 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميچ ۾ ليجنڊري بيٽر يونس خان 41 بالن تي 63، مصباح الحق 30 بالن تي 46 جڏهن ته ميچ جي آخري لمحن ۾ شاهد آفريدي 5 بالن تي 11 رنسون ٺاهي ميچ کٽرائي.
ڪرڪيٽ شوقينن مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ليجنڊري ڪرڪيٽرز کي ٻيهر ٽيم ۾کيڏڻ جو مشورو ڏنو جڏهن ته بابراعظم، محمد رضوان ۽ شاهين کي اڳوڻن ڪرڪيٽرز کان ڪجهه سکڻ جي صلاح پڻ ڏني.
مداحن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين رائونڊ مان ٻاهر ٿيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڄ به ليجنڊز جو اسٽرائيڪ ريٽ موجودا رانديگرن جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا بهتر آهي.
واضح رهي ته آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان ليجنڊز ٽيم جي ڪپتان يونس خان فتح پاڪستاني شوقين جي نالي ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.