ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو آهي ته واٽر ڪارپوريشن هر سال جيان هيل به محرم الحرام جي انتظامن ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن جعفريه الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد شبر رضا سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو.
ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان، آفتاب عالم چانڊيو، محمد علي شيخ، الاهي بخش ڀٽو، شفقت حسين ۽ شهباز بشير سميت جعفريه الائنس جي سمورن ضلعن جا ڪنوينر موجود هئا.
سي اي او واٽر ڪارپوريشن وفد کي سمورا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو ته ترجيحي بنيادن تي مسئلا حل ڪيا وڃن.
ھن آفيسرن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته محرم الحرام دوران سڄي شهر خاص طور مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوس جي رستن تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا بھتر انتظام ڪيا وڃن ۽ سمورن کليل مين هولز تي رنگ سليب ۽ ڍڪ رکي سيوريج جي اوور فلو کي ختم ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته مين روڊن ۽ عوامي هنڌن تي پاڻي جي ليڪيجز کي بند ڪيو وڃي، جلوسن جي رستن کي مڪمل صاف رکيو وڃي ته جيئن شهرين ۽ عزادار ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏين، ڇاڪاڻ ته شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
ملاقات دوران جعفريه الائنس وفد سي اي او واٽر ڪارپوريشن جا ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا.
You might also like