خيرپور ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ڀرسان لنجواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو.
ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل کرڙو ۾ لنجواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ ٻني ۾ ڪم ڪندڙ 24 ورهين جو امجد علي پٽ علي مدد لنجواڻي مارجي ويو.
پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پھچي نوجوان جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

khairpur tandomasti sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.