محرم الحرام ۾ مجلسن لاءِ ايس او پيز جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام ۾ مجسلن لاءِ ايس او پيز جاري ڪيون ويون، جنهن ۾ سڀني حساس جاين تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
پنجاب جي گهرو کاتي محرم الحرام ۾ مجلسن لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ امام بارگاهن ۽ مجلسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جي هدايت ڪئي وئي آهي.
گهرو کاتي سڀني حساس جاين تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته مجلسن لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.
گهرو کاتي موجب انتظاميا مجلسن کان اڳ فزيڪل سيڪيورٽي چيڪ کي يقيني بڻائي ۽ هر شهري کي ميٽل ڊيٽيڪٽر سان لازمي چيڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته داخل ٿيندڙ هر شخص جي سي سي ٽي وي فوٽيج به ٺاهي وڃي.
هدايتن موجب لائوڊ اسپيڪر جو رڳو مجلس جي حدن تائين استعمال، وقت جي پابندي لازمي هوندي، نياز، لنگر ۽ سبيل جي ورهاست کان اڳ صحت کاتي کان چڪاس ڪرائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.