پي سي بي 12 ڪرڪيٽرن کي مختلف ليگز لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) 12 ڪرڪيٽرز کي مختلف ليگز لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا.
ڪرڪيٽرز کي اين او سي مختلف ليگز ۾ شرڪت لاءِ جاري ڪيا ويا، اين او سي حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽرز ۾ ابرار احمد، فخر زمان، حارث رئوف، محمد عامر، محمد حارث ۽ محمد حسنين شامل آهن.
سلمان علي آغا، شاداب خان، شرجيل خان، صهيب مقصود، اساما مير ۽ زمان خان کي به اين او سي جاري ڪيو ويو.
ابرار احمد کي ميجر ڪرڪيٽ ليگ لاءِ چار کان 28 جولاءِ تائين، فخر زمان کي سي پي ايل لاءِ 29 آگسٽ کان 6 آڪٽوبر تائين جڏهن ته حارث رئوف کي ايم ايل سي، محمد حسنين کي لنڪا پريميئر ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.