5 ورهين جي منصوبي تحت آبادي وڌڻ جي رفتار گهٽ ڪرڻ جا هدف مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 5 سالن جي منصوبي تحت آبادي وڌڻ جي رفتار گهٽ ڪرڻ جا هدف مقرر ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب آبادي ۾ واڌ جي سالياني شرح کي 2030 تائين 1.1 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
منصوبابندي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آبادي وڌڻ جي شرح 2023 جي آخري مردم شماري موجب 2.55 سيڪڙو هئي، مالي سال 2024 ۾ پيدائش جي مجموعي شرح 3.32 سيڪڙو هئي، جڏهن ته پيدائش جي مجموعي شرح کي 2030 تائين 2.2 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم منصوبابندي واري وزارت جي پلان جي منظوري اين اي سي اجلاس ۾ ڏني هئي.
واضح رهي ته 2023 جي مردم شماري موجب پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.