گڏيل قومن جي اداري پاران عمران خان جي ترت آزادي جو مطالبو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي قيد جو فيصلو هوڏ ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري خلاف ذلفي بخاري جي نامياري لا فرم ذريعي گڏيل قومن ۾ داخل پٽيشن تي يو اين ورڪنگ گروپ جي قانوني راءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ عمران خان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ورڪنگ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو يو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو ڪو قانوني جواز ناهي، ظاهري طور ان جو مقصد کيس نااهل ڪرڻ هو.
رپورٽ ۾ حڪومت کان ورڪنگ گروپ کي پاڪستان جي دوري ۽ پي ٽي آ ءِ باني جي قيد ۾ حالت جي آزاداڻي جاچ اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ورڪنگ گروپ پنهنجي رپورٽ ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، عمران خان جي وڪيلن کان جارح جو حق کسي سرڪاري وڪيلن کي ڏنو ويو.
ورڪنگ گروپ جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي پاڪستاني حڪومت جو موقف ڄاڻڻ لاءِ رابطا ڪيو ويو جنهن ڪو به جواب نه مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.