قانون واري وزير جو يو اين رپورٽ تي ردعمل، عمران جي گرفتاري ۽ ڪيس پاڪستان جو اندروني معاملو قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ عمران خان جي گرفتاري ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ تي گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي ان کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته خودمختيار رياست طور پاڪستان ۾ عدالتن ذريعي آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو آهي، آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪو به مطالبو امتيازي، جانبداراڻو ۽ انصاف جي خلاف هوندو.
قانون واري وزير چيو ته عمران خان هڪ سزا يافته قيدي طور جيل ۾ آهي، کيس ملڪي آئين، قانون ۽ عالمي اصولن موجب سمورا حق حاصل آهن، ڪيئي ڪيسن ۾ کيس رليف ملڻ شفاف ۽ منصفاڻو ٽرائل عدالتي نظام جو مظهر آهي.
ياد رهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي قيد جو فيصلو غلط ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.