ڪراچي (پ ر) پاڻي فراهمي جي بهتري لاءِ واٽر ڪارپوريشن پاران لياري ۾ فائفن لائن جي صفائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو آهي ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر ڪرڻ لاءِ پاڻي جي وڏين لائنن جي صفائي شروع ڪرائي وئي آهي.
ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن لياري کي پاڻي فراهم ڪندڙ سائفن 20 جي صفائي ڪئي وئي.
هن چيو ته لائنن ۾ ٽوٻن ذريعي صفائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صفائي دوران لائنن ۾ ملبو ۽ ڪچرو بالٽيون ۽ بوتلون ڪڍيون ويون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سائفن ۾ ڦاٿل شين مان پاڻي جي رواني متاثر ٿيندي آهي.