لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ شادي جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ ۾ 16 ورهين جي ڇوڪري مارجي وئي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس موجب مناوان جي علائقي رضوان گارڊن ۾ شادي تقريب جاري هئي ته ان دوران گهوٽ جي دوستن خوشي ۾ هوائن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 16 ورهين جي عائشا نور سيني ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور اسپتال نيو ويو پر هوءَ نه بچي سگهي.
واقعي کانپوءِ گهوٽ ۽ ان جا دوست فرار ٿي ويا، پوليس ڇوڪريءَ جي پيءَ جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، گهوٽ جي والدين کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
lahore punjab awamiaawaz