ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گريڊ هڪ کان 15 تائين نوڪريون مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 30 جون واري فيصلي تي ٿورائتا آهيون، 56 هزار نوڪريون جيڪي تعصب ۽ نسل پرستي جي بنياد تي ڏنيون وينديون هيون، عدالتي فيصلي نوجوانن ۽ قوم کي يقين ڏياريو آهي.
خالد مقبول چيو ته پنجاهه سالن دوران انصاف کان محرومي جي پوري تاريخ آهي، ماڻهن سرڪاري نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻ ڇڏي ڏني هئي، هڪ کان 15 گريڊ جي نوڪريون مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڀٽو جي نسل پرست حڪومت ۽ نسل پرست حڪمران ڪوٽا سسٽم لڳائي ورهاست جو بنياد وڌو.
هن سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪندي چيو ته 140 اي تي عملدرآمد جو فيصلو اچي چڪو آهي پر ان تي عمل ناهي ٿيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي.
ان موقعي تي فاروق ستار چيو ته 60 سيڪڙو ٻهراڙي سان واسطو رکندڙ ماڻهن لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا ڪراچي، حيدرآباد جي نوجوانن لاءِ هئي جنهن مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نوڪريون شهري علائقن جي ماڻهن کي نه مليون، اسان 50 سالن ۾ ڪوٽا سسٽم جي ناجائز استعمال کي ختم نه ڪرائي سگهياسين.
هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽا سسٽم ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نوجوانن تي سرڪاري نوڪرين جا رستا بند ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪيو ويو ، 54 هزار نوڪريون پنهنجي ويجهن مٽن مائٽن ۾ ورهايون ويون آهن، عدالت عدالت ٻيو فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو آهي جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي.