نوان ٽيڪس لاڳو، گاڏين تي ٽيڪس ريٽ وڌي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فنانس بل 2024 تحت نوان ٽيڪس اڄ کان لاڳو ٿي ويا.

مقامي تيار گاڏي تي ٽيڪس ريٽ ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، فڪسڊ ٽيڪس بدران ماليت جي لحاظ سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

850 سي سي تائين گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس 10 هزار بدران 0.5 سيڪڙو لاڳو هوندو ۽ 851 کان هڪ هزار سي سي گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس 20 هزار رپين بدران هڪ سيڪڙو لاڳو هوندو.

اهڙي ريت 1300 سي سي گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس 25 هزار بدران 1.5 سيڪڙو ۽ 1600 سي سي گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس 50 هزار بدران 2 سيڪڙو رکيو ويو آهي.

فنانس بل موجب 1601 کان 1800 سي سي گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس هڪ لک 50 هزار بدران 3 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو ۽ 1801 کان 2000 سي سي گاڏي جي قيمت تي فڪسڊ ٽيڪس 2 لک بدران 5 سيڪڙو، جڏهن ته 3000 سي سي جي وڏي گاڏي جي قيمت تي وڌيڪ 2 سيڪڙو ٽيڪس وڌائي 12 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

tax budget2024 pmln
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.