ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي بايو ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جي ڪراچي ۾ قائم اداري سارڪ (پي اي آر سي) ڪراچي جي سهڪار سان کنڀي جي پوک کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو.
پروگرام جي آرگنائيزر ڊاڪٽر منزا دانش، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر زينب بي بي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فرزانہ عثمان ۽ سينيئر سائنسي آفيسر، ٽريننگ انچارج ڊاڪٽر عظميٰ ستارا تربيت ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ انهن کي تربيتي ورڪشاپ جي مينڊيٽ/مقصد ۽ ٻين تحقيقي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.
تربيتي ورڪشاپ جي اختتامي تقريب جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ذاڪر حسين ڏاهري، ڊائريڪٽر FQSRI ڊاڪٽر پرويز احمد بلوچ، سائنس شعبي جي انچارج گلشن اقبال ڪيمپس پروفيسر محمد زاهد، رجسٽرار اردو يونيورسٽي ڊاڪٽر ساجد جهانگير، پروگرام جي آرگنائيزر ڊاڪٽر منزا دانش،
ڊاڪٽر زينب بي بي ۽ ڊاڪٽر فرزانہ عثمان کي کنڀي جي پوکي بابت ٽيڪنالاجي تي ڪامياب ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
آخر ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ۽ سمورن مهمانن، آرگنائيزرن ۽ ٽريننگ انچارج کي شيلڊون پيش ڪيون ويون. هن ٽريننگ ورڪشاپ مان سمورن شاگردن مسلسل فائدو حاصل ڪيو مشروم جو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ ٻين کي ان بابت آگاهي ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.