ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي ٻٻر چوڪ واري علائقي مان 45 ورھين جي مسمات تسليم ۽ سندس ڌي 23 ورھين عائشا مبينا طور اغوا ٿي ويون .
ڪوٽڙي پوليس مغوي عورت مسمات تسليم جي پٽ شاھنواز جٽ جي فرياد تي ڇھن جوابدارن محمد عالم، محمد آصف ۽ چار نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
فريادي ڄاڻايو آھي ته جوابدار ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل جي ارادي سان اغوا ڪري کڻي ويا آھن انصاف ڪيو وڃي.