ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد قمبراڻي لاڙي وٽان غوثپور شھر واسي ٽن ھندو واپارين نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيھاڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا.
وارثن موجب نوجوان غوثپور شھر کان ڪنڌڪوٽ اچي رهيا ھئا ته رستي مان کين اغوا ڪيو ويو.
هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور نوجوان جي اغوا جي تصديق نه ڪئي، ايس ايس پي بشير بروهي چيو ته ھندو برادري جي نوجوانن جي گمشدگيءَ جا اطلاع مليا آھن پر اغوا جي تصديق ناهي ٿي سگهي، پوليس جاچ ڪري رھي آھن.
Pakistan Sindh Sindhpolice
You might also like