سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) همدرد روزگار اسڪيم پاران بيروزگارن کي روزگار سان لڳائڻ واري ٻئي مرحلي ۾ همدرد سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ رقم ڏين واري تقريب سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي.
جن مستحقن کي روزگار جو ذريعو کولي ڏنو ويو انهن ۾ مير محمد خاصخيلي، غلام حسين رند ۽ طالب حسين ميراثي شامل هئا.
ان موقعي تي همدرد آرگنائيزيش جي سي اي او حسام رند ڳالهائيندي چيو ته گذريل پندرنهن سالن کان مسلسل فلاحي ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ همدرد فري ايمبولينس سروس کان وٺي ويل چيئرز ورهائڻ تائين ، راشن ورهائڻ کان وٺي بيواهن جي مدد جڏھن ته تازو بيورزگارن کي روزگار سان لڳائڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.