اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي حصو ڏنو ويو هو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته 2010 ۾ آخري اين ايف سي ٿيو هو ۽ چئني صوبن گڏجي ان وقت جي وزيراعظم ۽ صدر سان گڏجي اين ايف سي جي منظوري ڏني، ان وقت دهشتگردي پنهنجي عروج تي هئي ۽ ان سان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبا پر خيبرپختونخوا فورسز فرنٽ لائن تي هيون.
هن چيو ته مان پاڻ ان ۾ شريڪ هيس ۽ يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ سڀ ڪم ٿيو اهو اڄ تائين هلندو پيو اچي ۽ اسان کي اڄ تائين اعتراض ناهي.
هن چيو ته ڪي پي دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪي پي کي 5 سئو 90 ارب رپيا دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڏنا ويا آهن، ڪي پي کي 5 سئو 90 ارب ڏيڻ باوجود سي ٽي ڊي کي فعال نه ڪيو ويو آهي، ٻئي ڪنهن صوبي کي ان مد ۾ هڪ رپيو به نه ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڃا تائين ڪي پي جو چيف سيڪريٽري مقرر نه ٿي سگهيو آهي، چيف سيڪريٽري ڪي پي لاءِ 3 نالا ڏنا ويا هئا…
You might also like