اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ سينيٽر فيصل واوڊا جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي آهي، توهين عدالت جو نوٽيس به واپس ورتو ويو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي جي شروعات تي مصطفيٰ ڪمال جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏنا ته مصطفيٰ ڪمال غير مشروط معافي گهري آهي، هو پريس ڪانفرنس ۾ به ندامت جو اظهار ڪري چڪو آهي.
ان تي چيف جسٽس فيصل واوڊا کان پڇيو ته اوهان جو وڪيل ناهي آيو؟ اوهان به معافي گهري آهي؟
فيصل واوڊا جواب ڏنو ته جي مان به معافي گهري آهي.
ٽي وي چئنلز طرفان فيصل صديقي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.
چيف جسٽس چيو ته توهان جي ڪنهن به اصيل اڃا تائين ڪو جواب جمع نه ڪرايو آهي.
فيصل صديقي چيو ته ٽي وي چئنلز کي شوڪاز نه پر سادو نوٽيس مليو هو، چيف جسٽس چيو ته توهان چاهيو ٿا ته شوڪاز به جاري ڪري ڇڏيون ٿا، توهان عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو آهي.
فيصل صديقي چيو ته لکت ۾ جواب جمع ڪراي چڪو آهيان، چيف جسٽس چيو ته جواب تي صحيحون چئنلز نه پر وڪيل جون آهن، ڇا توهان آئين پسند نه آهيو، مان سمجهيو توهان آئين کان ڳالهه جي شروعات ڪندا، جيڪو ڪجهه پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو اهو جج کي اسڪينڊلائز ڪرڻ آهي يا نه؟، ڇا اها ڳالهه جج ۽ عدالت خلاف نفرت ۽ توهين جوڳي نه آهي؟
چيف جسٽس چيو ته آفيسر آف ڪورٽ جي حيثيت ۾ عدالت کي جواب ڏيو.
ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته فيصل واوڊا جون ڳالهيون توهين عدالت ۾ اچن ٿيون، مصطفيٰ ڪمال جون ڳالهيون منهنجي راءِ ۾ توهين عدالت ۾ نٿيون اچن.
You might also like