ايلون مسڪ طرفان طاقتور ترين اي آءِ سپر ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي منصوبي تي عمل شروع

 

ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ پنهنجي تڪراري اي آءِ چيٽ بوٽ گروڪ کي هلائڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان طاقتور انٽيليجنس سپر ڪميپوٽر ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي.

ذريعن موجب ايلون مسڪ انهي مقصد لاءِ هڪ لک اين ويڊيا سيمي ڪنڊڪٽر چپس خريد ڪرڻ جو ارادو رکندو آهي.

ايلون مسڪ طرفان اي آءِ اسٽارٽ اپ ايڪس جو اهو منصوبو ڪمپني جي سِيڙپڪاري ڪرڻ وارن جي سامهون پيش ڪيو ويو.

اين ويڊيا جي فليگ شپ ايڇ 100 گرافڪس پروسيس يونٽس (جي پي يوز) کي استعمال ڪندي ٺاهيل اها مشين موجود جي پي يو ڪلسٽرز سان گهٽ ۾ گهٽ چار گنا وڏي هوندي.
ElonMusk ArtificialIntelligence Tesla

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.