وڏي وزير جو ڦر مزاحمت تي مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 10-10 لک امداد جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ جنوري کان هيل تائين ڦر مزاحمت تي مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ جنوري کان هيل تائين ڦر دوران 84 ڄڻا مارجي ويا، مون کي ۽ وزيرن کي متاثر خاندانن وٽ وڃڻو هو، اها اسان جي غلطي آهي، جيڪي به ماڻهو مارجي ويا آهن، انهن جي وارثن کي 10-10 ڏينداسين.
هن چيو ته صوبائي اسيمبلي ۾ هن وقت اسان جون 117 سيٽون آهن، اسان جيترو ڪم ڪيو آهي اهو ڪافي ناهي، اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ايوان ۾ پيپلزپارٽي جا سڀ کان وڌيڪ ميمبر آهن، 26 ڪلاڪ اسان ڳالهائي چڪا آهيون، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ تقريرون ڪيون آهن.
سندس چوڻ هو ته آزاد اميدوارن اڍائي ڪلاڪ جون تقريرون ڪيون، 46 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪل تقريرون ڪيون ويون آهن، قومي ۽ ڪنهن ٻي صوبائي اسيمبلي ۾ ايترو تفصيلي بحث ۽ تقريرون ناهن ٿينديون، پنجاب اسيبلي ميمبرن جو انگ وڌيڪ آهي پر بحث گهٽ ٿيو، هر سال پري بجيٽ بحث ٿيندو آهي، هن سال نه ڪري سگهيا، سينيٽ چونڊن جي ڪري پري بجيٽ تي بحث نه ٿي سگهيو، هي سنڌ صوبو آهي جنهن جي اسيمبلي پنهنجي ليڊرشپ جي اصولن موجب هلندي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته 2024 ۾ آصف علي زرداري ٻيهر صدر چونڊيو، هي جمهوريت جو انتقام آهي، بينظير ڀٽو کي دهشتگردن شهيد ڪيو هو.هن سال ترقياتي بجيٽ 530 ارب رپيا آهي، بلوچستان 320 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ لاءِ رکيا.

muradalishah cmsindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.