ڪراچي ۾ وڌيڪ مينهن وسندو يا نه؟ چيف ميٽرولاجسٽ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات ٿيندي.
ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ سڀاڻي ۽ ٻئي ڏينهن به موسم گرم رهندي، گرمي پد 37 کان 38 ڊگري تائين هوندو پر ان جي شدت گهٽ هوندي، جيستائين گهٽ دٻاءُ ختم نه ٿيندو تيستائين گرمي هوندي پر اميد آهي ته سڀاڻي شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿي وينديون.
هن ٻڌايو ته شهر ۾ ٻه کان ٽي ڏينهن وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات ٿيندي، برساتن جو سسٽم هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب آهي.

karachi rain weatherupdate

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.