ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ مهانگو ترين اوور، بالر 43 رنسون ڏئي ڇڏيون

لنڊن ( ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي فاسٽ بالر اولي رابنسن ڪائونٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو مهانگو ترين اوور هلائيندڙ بالر بڻجي ويو آهي.
اربع جي ڏينهن انگلش ڪائونٽي ۾ ليسٽر شائر ۽ سسڪس جي ميچ دوران اولي رابنسن هڪ اوور ۾ 43 رنسون ڏئي ڇڏيون.
ليسٽر شائر جي بيٽر لوئيس ڪمبر اولي رابنسن جي اوور ۾ ڇهه چوڪا، ٻه ڇڪا هنيا ۽ هڪ رنس ورتي، اوور ۾ ٽي نو بالز پڻ شامل هئا.
ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ نو بال تي ٻن رنز جو قانون آهي، انڪري اوور ۾ ٽي نو بالز جون ڇهه رنسون به بيٽنگ ڪندڙ ٽيم جي کاتي ۾ ويون.
ياد رهي ته هي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو مهانگو ترين اوور آهي.
ان کان اڳ 1990 ۾ نيوزيلينڊ جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ رابرٽ وينس 23 بالن جي اوور ۾ 77 رنسون ڏنيون هيون، جڏهن ته اوور ۾ 17 نو بالز شامل هئا.
ليسٽر شائر ۽ سسڪس جي ميچ ۾ لوئيس ڪمبر سئو بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، هن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي ٻي تيز ترين ڊبل سينچري ٺاهي آهي.
فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڊبل سينچري جو اعزاز افغانستان جي شفيق الله شنواري کي حاصل آهي جنهن ۾ 2018 ۾ 89 بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.