افغانستان جي تاريخي ڪاميابي تي طالبان ڀارت جا ٿورائتا!

طالبان جي اهم اڳواڻ سهيل شاهين افغانستان جي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ ڀارت جا ٿورا مڃيا آهن،
اڱاري ڏينهن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي آخري ميچ ۾ افغانستان ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت بنگلاديش کي اٺ رنز تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو .
افغانستان جي تاريخي فتح کانپوءِ جتي مداح خوشي ملهائڻ روڊن تي نڪتا ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرز طرفان افغان ٽيم کي ساراهيو پيو وڃي اتي طالبان حڪومت جي سينيئر عهديدار سيمي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ ڀارتي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، افغان طالبان جي قطر ۾ سياسي آفيس جي سربراهه گڏيل قومن ۾ نامزد مستقل نمائندي سهيل شاهين چيو آهي ته هو افغان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڀارت جي مسلسل سهڪار تي سندن ٿورائتا آهيون ۽ سندن قدر ڪيون ٿا.
واضح رهي ته گذريل ڪيئي ورهين کان ڀارت افغان ڪرڪيٽرز کي پنهنجي اسٽيڊيمز ۾ سکيا ڏني جڏهن ته افغان ٽيم کي ڀارتي ڪمپنين طرفان اسپانسرشپ به ملي رهي آهي.
ان کانسواءِ ڀارت جي هڪ ملين ڊالرز جي گرانٽ سان قنڌار ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو اڏاوتي ڪم هلندڙ آهي.
بي سي سي آءِ گريٽر نوئيڊا ۾ شهيد وجئه سنگهه پاٿڪ اسپورٽس ڪمپليڪس کي افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو عارضي هوم گرائونڊ قرار ڏنو آهي.

T20Worldcup2024 Afghanistan AFGvsBAN Semifinal

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.