يورپي يونين بعد ڀارت به موبائل ڊيوائسز جي چارجنگ لاءِ يو ايس بي ٽائپ سي چارجنگ پورٽ جو استعمال لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ان جو مقصد سمارٽ فونز لاءِ هڪ چارجر ۽ ڪيبل جي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي.
هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جون 2025ع تائين ۾ سمورين ڪمپنين جي موبائيل ڊيوائسز لاءِ يو ايس بي ٽائپ سي چارجنگ پورٽ جو استعمال يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پهريان ڪمپنين کي مارچ تائين ائين ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر هاڻي انهي مهلت کي جون تائين وڌايو ويو آهي.
يورپي يونين وانگير ڀارت به يو ايس بي سي کي موبائل ڊيوائسز لاءِ يونيورسل چارجنگ پورٽ ٺاهڻ چاهي ٿو.
اهڙي قدم جو مقصد اليڪٽرانڪس ڪچري جي مسئلي جي روڪٿام ڪرڻ آهي، ڇو ته سمورن ڊيوائسز ۾ هڪ چارجنگ پورٽ هوندي ته بس هڪ چارجر ئي سڀني لاءِ ڪافي هوندو.
India MobileDevices Apple