ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: برائن لارا جي افغان ٽيم بابت اڳڪٿي سچ ثابت ٿي

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ اڳوڻي ويسٽ انڊين ليجنڊري ڪرڪيٽر برائن لارا جي افغانستان بابت ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي.
اڱاري ڏينهن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي آخري ميچ ۾ افغانستان ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت بنگلاديش کي اٺ رنز تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو .
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروعات کان اڳ اڳوڻن ڪرڪيٽرز طرفان ايونٽ تي ٽاپ فور ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.
گهڻي قدر اڳوڻن ڪرڪيٽرز ڀارت، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جا نالا کنيا هئا.
اڳوڻن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽر برائن لارا واحد ڪرڪيٽر هو جنهن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ افغانستان ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي.
خوش قسمتي سان بنگلاديش خلاف فتح کانپوءِ افغانستان ٽيم ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهتي برائن لارا جي اڳڪٿي به سچ ثابت ٿي وئي.
اِهو ئي سبب آهي جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان چيو ته اِهو ناقابلِ يقين آهي، برائن لارا واحد شخص هو جنهن اسان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ اسان هن کي درست ثابت ڪري ڏيکاريو.

T20Worldcup2024 Afghanistan AFGvsBAN Semifinal

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.