ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جاچ آفيسر طرفان شاهدن جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
سيڪنڊ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پوليس طرفان جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو ويو ، جڏهن ته شهيد صحافي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي ۽ وڪيل صلاح الدين پنهور به پيش ٿيا.
جوابدار اصغر لنڊ طرفان وڪيل قربان ملاڻو پيش ٿيو ،ٻنهي ڌرين جي وڪيلن شاهدن جو 164 وارو بيان رڪارڊ ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي دليل ڏنا.
عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر طرفان شاهدن جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.
nasrullahgadani mirpurmathelo awamiawaz