انٽيگووا ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ آسٽريليا ڊي ايل ايس (ڊِڪ ورٿ لوئس مٿيڊ) تحت بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽورنامينٽ جي سپر ايٽ مرحلي جي گروپ اي ۾ شامل آسٽريليا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ميگا ايونٽ جي 44 هين ميچ انٽيگووا جي سر ويوين رچرڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ آسٽريليا ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ ذريعي بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ ڪپتان نجم الحسن 41 ۽ توحيد هريدوئي 40 رنز سان نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 29 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.
پيٽ ڪمنز هڪ اوور ۾ ٻن بالن ۽ ٻئي اوور جي پهرين بال تي وڪيٽ وٺي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي، هن محمود الله، مهدي حسن، توحيد هيردوئي کي آئوٽ ڪيو.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڪنهن به بالر طرفان پهرين هيٽ ٽرڪ آهي ۽ پيٽ ڪمنز بريٽ لي کانپوءِ آسٽريلوي بالر آهي جنهن ٽي ٽوئنٽي ۾ هيٽ ٽرڪ جو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.
بهترين بالنگ تي پيٽ ڪمنز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
You might also like