ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڪچي شراب پيئڻ سان فوتين جو انگ 47 ٿي ويو آهي.
ڀارتي خابرو اداري موجب ڪچي شراب پيئڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿيڻ وارو واقعو اربع واري ڏينهن تي پيش آيو، جنهن بعد 150 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتان هينئر تائين 47 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ اڃا علاج هيٺ آهن.
اختيارين ٻڌايو ته چنئي کان 150 ميل پري ضلعي ڪلاڪريچي ۾ ڪچي شراب پيئڻ سان متاثر ٿيڻ وارن ماڻهن کي شديد الٽي، پيٽ جي سور ۽ معدي جي ٻين بيمارين جي شڪايت ٿي، جنهن بعد کين فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
India Cold tamilnado
You might also like