بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ڊيوڊ جانسن گهر جي بالڪني تان ڪِري حياتي وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻو ڪرڪيٽر بئنگلورو ۾ پنهنجي اپارٽمينٽ جي چوٿين ماڙ جي بالڪني تان زندگي جي جنگ هارائي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جانسن پنهنجي گهر جي ڀرسان ئي هڪ ڪرڪيٽ اڪيڊمي هلائي رهيو هو، جڏهن ته اڄڪلهه سندس صحت ڪجهه ٺيڪ نه هئي، ڊيوڊ جانسن جي پونئرن ۾ هڪ بيواهه ۽ ٻه ٻار شامل آهن.
جانسن جي اوچتي لاڏاڻي سبب ڪرڪيٽ ڪميونٽي سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ ڪرڪيٽر سندس وفات سوشل ميڊيا تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ڊيوڊ جانسن 1995 ۾ ڀارت جي مشهور ڊوميسٽڪ ليگ رنجي ٽرافي کان پنهنجي ڪرڪيٽر ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
هن سال 1996 ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
Indiancricketer BCCI Bengaluru