حارث کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙ آئي؟ وسيم بادامي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اينڪر وسيم بادامي ڪرڪيٽر حارث رئوف سان مداح پاران گٿا لفظ ڳالهائڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي.
وسيم بادامي فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته اهڙي افسوسناڪ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
وسيم بادامي جو چوڻ هو ته حارث رئوف کي جواب نه ڏيڻ گهرجي ها ڇو ته بدتميز ماڻهو ڀارت جو هجي يا پاڪستان جو اها ڳالهه برداشت جوڳي ناهي ته ڪو فيملي سان ويندو هجي ۽ هن کي تنگ ڪري گٿا لفظ ڳالهايا وڃن.
هن لکيو ته وڊيو کي غور ڪري ڏسجي ته مداح حارث جي والد بابت گٿا لفظ ڳالهائيندي ڊالر ڏيڻ ۽ وٺڻ جي حوالي جي ڳالهه به ڪندو آهي، جنهن تي حارث کيس وڙهڻ لاءِ ڊوڙندو آهي.
HarisRauf WasimBadami Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.