مداح حارث رئوف کان معافي نه ورتي ته ڪارروائي ڪنداسين: پي سي بي چيئرمين

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي فاسٽ بالر حارث رئوف سان ٿيل واقعي تي ردعمل ظاهر ڪيو.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته حارث رئوف سان پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو.
چيئرمين پي سي بي جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار حارث رئوف کان فوري معافي وٺي ، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته فاسٽ بالر حارث رئوف جي فلوريڊا ۾ مداح سان ڏند چڪ جي وڊيو وائرل ٿي هئي.
ان موقعي تي حارث پنهنجي زال سان گڏ هو، جڏهن مداح بدتميزي ڪئي، جنهن تي فاسٽ بالر مداح کي مارڻ لاءِ ڀڄڻ لڳو،سندس زال ۽ ٻين مداحن روڪي ورتو.

Pakistan PCT MohsinNaqvi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.