فواد خان ۽ صنم سعيد جي ويب سيريز ڪڏهن رليز ٿيندي؟

مشهور پاڪستاني اداڪار فواد خان ۽ اداڪارا صنم سعيد جي آن اسڪرين جوڙي ويب سيريز ”برزخ“ ۾ پنهنجو جادو ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي.
فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڀارتي او ٽي ٽي پليٽ فارم ”زي 5“ويب سيريز ”برزخ“ جا مختلف پوسٽر جاري ڪيا ۽ ان جي رليز جو اعلان پڻ ڪيو.
زي 5 موجب ايندڙ مهيني جي 19 تاريخ تي ويب سيريز ”برزخ“ جو پريميئر وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب جي چينل زندگي ۽ زي 5 تي رليز ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ويب سيريز ”برزخ“ جي ڪهاڻي هدايتڪار ۽ فلم ساز عاصم عباسي لکي جڏهن ته وقاص حسين ۽ شيلجا ڪيجريوال پروڊيوس ڪيو آهي.
Pakistan FawadKhan Showbiz

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.