ٽڪ ٽاڪ تي تصويرون ڳولڻ لاءِ فيچر متعارف

شارٽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايپليڪيشن تي تصويرون ڳولڻ لاءِ هڪ فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب ٽڪ ٽاڪ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ به ٽڪ ٽاڪ شاپ تي تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ بزنس فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ٽڪ ٽاڪ شاپ ايپليڪيشن تي هڪ خاص بزنس ٽيب موجود آهي جيڪو آمريڪا سميت ڪيترن ئي وڏن ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي پر پاڪستان ۾ اڃا تائين متعارف ناهي ٿيو.

ٽڪ ٽاڪ شاپ فيس بڪ ۽ واٽس اپ بزنس وانگر آهي، جتي ڪاروبار ڪندڙ پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهن ٿا.

ٽڪ ٽاڪ تي اهو فيچر گوگل لينس وانگر ڪم ڪندو، مطلب ته واهپيدار ڪنهن به تصوير کي زوم ڪري سگهندا ۽ ٻيون ساڳيون تصويرون ۽ پراڊڪٽس ڏسي سگهندا.

ٽڪ ٽاڪ شاپ تي فيچر متعارف ڪرائڻ کان پوءِ ان کي مختصر وڊيو ايپليڪيشن تي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

ٽڪ ٽاڪ ۾ اڳ ۾ ئي اتي اپ لوڊ ڪيل مواد، وڊيوز ۽ تصويرون سرچ ڪرڻ جو فيچر موجود آهي پر هاڻي ٽڪ ٽاڪ تي گوگل سرچ انجڻ جهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
tiktok china application

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.