هانيا عامر ۽ عمران اشرف کي اسڪول مان ڇو ڪڍيو ويو؟

اداڪارا هانيا عامر ۽ اداڪار ۽ ميزبان عمران اشرف انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٻئي هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا.
هانيا عامر تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن پنهنجي پروفيشنل ۽ ذاتي زندگيءَ بابت کلي ڳالهايو.
انٽرويو دوران هانيا عامر چيو ته اسڪول ڊريس جي اصولن تي عمل نه ڪرڻ تي مون کي 10 ڏينهن لاءِ اسڪول مان ڪڍيو ويو، جنهن سبب اسڪول انتظاميا ڏهن ڏينهن لاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
اداڪارا هانيا جي اها ڳالهه ٻڌي ميزبان ۽ اداڪار عمران اشرف به انڪشاف ڪيو ته هانيا ۽ مان هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين پر هوءَ منهنجي جونيئر هئي ۽ منهنجي شرارتن سبب مون کي به اسڪول مان ڪڍيو ويو هو
Pakistan HaniaAmir ImranAshraf

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.