قرباني جي گوشت تان 4 ڀائرن ۾ تڪرار، هڪ مارجي ويو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ مظفر آباد جي علائقي شوائي ۾ قرباني جي گوشت جي تڪرار تين 4 ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو.

پوليس موجب مقتول نواز ڇري جا وار ڪري ڀاءُ اسد ۽ پيءُ رفيع کي زخمي ڪيو هو.

ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته نواز جي حملي کانپوءِ اسد فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب فائرنگ جي جوابدار اسد جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.